اذان عشق

اذانِ عشق (ڪتاب ):هي ڪتاب صوفي ولي محمد ”تراب“ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو سندس عقيدت مند نصرالله لغاريءَ، نومبر 2009ع ۾ تبسم پبليڪيشن ڦاڙياري ضلعي خيرپورميرس پاران ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز جي 245 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي ۽ ڪتاب انٽيل ڪميونيڪيشن حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن شعري مجموعي ۾ شاعر جو تعارف فقير رانجھن عليءَ لکيو آهي، جڏهن ته مهاڳ نامياري براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي لکيو آهي. صوفي ولي محمد جي شاعريءَ تي فقير قادر بخش ڪرم ٽالپر، زبير سومري ۽ نصرالله بليدي جا تاثرات پڻ موجود آهن. هن ڪتاب ۾ فقير ولي محمد تراب جون حمد، نعتون، ڪافيون، وايون، غزل، گيت ۽ بيت شامل آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو